اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) ماسڪو ۾ پا??ستاني سفارتخاني ۾ پا??ستان جي يوم آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي وئي. ر??س ۾ پا??ستان جي سفير شفقت علي خان جهنڊ?? ڦڙڪايو. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پا?? سان ٿي. ڊپٽي هيڊ آف ميشن رانا ثمر جاويد ۽ ٿرڊ سيڪريٽري محمد طيب صدر مملڪت ۽ وزيراعظم پا??ستان جو يوم آزادي جي حوالي سان پيغام پڙهي ٻڌايو. تقريب ۾ ملي نغما به پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سفير چيو ته پا??ستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي، روس سان لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ پا??ستان ڪميونٽي جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته روس سان لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو ت??جيحي حصو آهي. هن چيو ته روس سان لاڳاپن جي هٿي ڏيڻ ۾ اسان جي ڪميونٽي جو اهم ڪردار آهي. ان موقعي تي پا??ستان جي 75 هين سالگرهه جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو.