اوڪاڙه – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظه??ر جون تقريبون ۽ ريليون منعقد ڪيو ويون. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي گهيراءُ کي ٽي سال م??مل ٿيڻ تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اوڪاڙه بلديه هال ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي تقريب ۽ ريلي منعقد ڪئي وئي. ??شميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي مودي سرڪ??ر جي ظلم ۽ ڏاڍ تي شرڪت ڪندڙن نعريبازي ڪئي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حسنين خالد سنپال، اسسٽنٽن ڪمشنر ملڪ راشد نعمت، ايڊمن آفيسر ايجوڪيشن غلام دستگير، انچارج نادرا احمد نصير، هيلٿ، سول ڊفينس، شاگردن، وڪيلن، ميڊيا نمائندن، سول سوسائٽي، سرڪ??ري آفيسرن، سياسي ?? سماجي شخصيتن ريلي ۾ شرڪت ڪئي.