اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن ??ي شريڪ چيئرمين، بل گيٽس خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي پهرين دوري جي والهاڻي استقبال تي صدر جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته منهنجي لاءِ ”هلال پاڪستان“ حاصل ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب بل گيٽس پنهنجي خط ۾ پاڪستان جي هر ٻار جي صحت ۽ بهبود جي تحفظ لاءِ صدر جي عزم کي ساراهيندي چ??و ته پاڪستان جي ايندڙ نسلن لاءِ پوليو کان پاڪ مستقبل يقيني بڻائڻ جو ڪم واکاڻ جوڳو آهي. هن چ??و ته پاڪستان پوليو وائرس جي خلاف جنگ ۾ قابل ذڪر اڳڀرائي ڪئي آهي، هڪ ??ال کان وڌيڪ عرصي ۾ پاڪستان ۾ ڪو به نئون ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، پول??و تي پاڪستان جي مسلسل ڪوشش ملڪ جي ترقي کي تيز ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. بل گيٽس چ??و ته ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، غذائيت جي کوٽ جهڙن موضوعن تي ڳالهه ڪري خوشي ٿي. خانداني منصوبابندي جي خدمتن تائين پهچ، احساس سماجي تحفظ جي پروگرام کي موثر بنائڻ تي ڳالهه ٿي، خط ۾ وڌيڪ چيو و??و ته گڏيل دلچسپي جي ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پ??ڪستان سان حصيدار جو منتطر آهيان.