اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ ??ال?? سڳورن جي اجلاس ڪورونا وبا جي احتياطي تدبيرن جي خاتمي، معاشرتي خرابين جي اصلاح ۾ ??ال?? سڳورن جي ڪردار، معاشري ۾ ڪوڙين خبرن، غيبت ۽ بداخلاقي جي روڪٿام، عورت جي وراثت ۾ حق، طهارت ۽ صفائي، تزڪيه نفس جي اهتمام، اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي قرارداد ۽ ??ال??ي ڏينهن مقرر ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڪورونا وبا جي احتياطي تدبيرن ۾ سهولت ۽ نرمي جو اعلان ڪيو ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هڪ ٺوس ضابطه اخلاق تي ??تف??ق ڪيو ته ڪورونا وبا کان اڳتي بچاءُ ۽ حفاظت جي لاءِ دعائن جو اهتمام ڪيو وڃي، بحيثيت قوم پنهنجي غلطين جي الله ت??ال??ٰ کان معافي گهري وڃي ۽ شڪر ادا ڪيو وڃي ته الله سبحان و ت??ال??ٰ ڪورونا وبا ٽاري ڇڏي آهي ۽ گذريل سال رمضان المبارڪ ۾ جيڪي پابنديون هيون هاڻي الحمدالله انهن ۾ نرمي ڪئي وئي آهي، ??ال?? سڳورن وزيراعظم عمران خان کي اسلامو فوبيا جي تدارڪ ۽ ناموس رسالت ﷺ جي لاءِ ??ال??ي سطح تي ڪيل ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي عوامي بيداري جي لاءِ معتبر ??ال?? سڳورن ۽ ديني اسڪالرز اسلامو فوبيا جي خلاف قراردادن ۽ ان جي ضرورت ۽ اهميت جي حوالي سان اشاعتي مهم جي اهتمام تي ??تف??ق ڪيو. ان حوالي سان صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ قومي ??ال?? سڳورن جو اجلاس اسلام آباد ۽ سمورن صوبائي گادي وارن شهرن ۾ وڊيو لنڪ ذريعي منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪورونا وبا جي احتياطي تدبيرن جي خاتمي، معاشرتي خرابين جي اصلاح ۾ ??ال?? سڳورن جي ڪردار، معاشري ۾ ڪوڙين خبرن، غيبت ۽ بداخلاقي جي روڪٿام، عورت جو وراثت ۾ حق، طهارت ۽ صفائي، تزڪيه نفس جي اهتمام، اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي قرارداد ۽ ??ال??ي ڏينهن مقرر ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي بحث ڪيو ويو. وبا دوران ??ال?? سڳورن جي ڀرپور تعاون جي ذريعي ئي مذهبي عبادتن ۽ اجتماعن ۾ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ٿيو. پاڪستان پوري اسلامي دنيا ۾ اهو واحد ملڪ هو جنهن ڪورونا وبا جي عروج جي ڏينهن ۾ به احتياطي تدبيرن سان مسجدن ۽ امام بارگاهن کي الله ت??ال??ٰ جي عبادت جي لاءِ کليل رکيو. مسجدن جي انتظاميا ۽ ممبر ۽ محراب جي وارثن جنهن نظم ۽ ضبط ۽ ڊسپلن جو مظاهرو ڪيو اهو بي مثال هو. هاڻي ??ال?? سڳورن کي ڪورونا وبا جي احتياطي تدبيرن ۾ سهولت ۽ نرمي جو اعلان ڪرڻو آهي. سمورن شرڪت ڪندڙن تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هڪ ٺوس ضابطه اخلاق تي ??تف??ق ڪيو ۽ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ته ڪورونا وبا کان اڳتي بچاءُ ۽ حفاظت جي لاءِ دعائن جو اهتمام ڪيو وڃي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ت?? اسان بحيثيت قوم پنهنجي غلطين جي الله ت??ال??ٰ کان معافي گهرون ٿا ۽ شڪر ادا ڪريون ٿا ته ڪورونا وبا الله سبحان و ت??ال??ٰ ٽاري ڇڏي، گذريل سال رمضان المبارڪ ۾ جيڪي ڪورونا وبا جون پابنديون هيون هاڻي الحمدالله انهن ۾ نرمي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عمارتن جي اندر ماسڪ جو استعمال بهتر رهندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مسجدن ۾ فاصلي کي هاڻي واپس معمول تي آندو وڃي جڏهن ته جيڪي ماڻهو احتياط طور ماسڪ پائڻ چاهين ته ضرور جاري رکن، بزرگ شهرين کي درخواست ڪئي وئي ته ٻيهر مسجدن ۾ نمازن ۽ عبادتن جو اهتمام جاري رکن، مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ صفائي ۽ طهارت جي لاءِ گذريل هدايتن کي جاري رکن ڇو ته طهارت نصف ايمان آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ت?? اسان حڪومت ۽ اين سي او سي جي ڪامياب پاليسي تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ قوم جا ٿورا مڃون ٿا ته هن ??ال?? سڳورن جي گذارشن تي عمل ڪيو. ضرورت پوڻ تي اڳتي به ڪورونا بابت اين سي او سي جي هدايتن کي نظر ۾ رکيو ويندو. اجلاس ۾ ??ال?? سڳورن وزيراعظم عمران خان جي اسلامو فوبيا جي تدارڪ ۽ ناموس رسالت ﷺ جي لاءِ ??ال??ي سطح تي ڪيل ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي عوامي بيداري جي لاءِ معتبر ??ال?? سڳورا ۽ ديني اسڪالرز اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد ۽ ان جي ضرورت ۽ اهميت جي حوالي سان اشاعتي مهم جو اهتمام ڪن. ??ال?? سڳورا مسجد ۽ محراب تان معاشرتي مسئلن جي حل، جهڙوڪ ماءُ ۽ ٻار جي صحت، ماحول جي صفائي، عورتن جي وراثت جي حقن، حفظان صحت، آبادي جي ڀلائي وغيره ۾ اڳ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن ۽ ان ڏس ۾ حڪومتي ڪوششن جو ساٿ ڏيندا. اجلاس ۾ چيو ويو ت?? اسان فاسق جي خبر، غيبت آ۽ فيڪ نيوز جي ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا تي يلغار جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ ??تف??ق ڪيو ت?? اسان ممبر ۽ محراب، خاندان، اسڪول ۽ مدرسن جي ذريعي عوامي آگاهي ۽ ڪردارسازي جي ڪم کي وڌيڪ وڌائيندي حڪومتي ڪوششن جو مڪمل ساٿ ڏينداسين.