اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سومر تي ??تي اس??امتي ترقياتي بئنڪ گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر ملاقات ڪئي جيڪو اس??امي تعاون تنظيم جي پرڏ??هي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيل آه??، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي اس??امي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي ۽ قابل اعتماد حصيداري، توانائي، ماليات، مواصلات، تعليم ۽ صحت جهڙن مختلف شعبن ۾ ان جي مدد جو اعتراف ڪيو، هن ڪووڊ – 19 ويڪسين جي خريداري لاءِ پاڪستان سان تعاون کي به ساراهيو جنهن ويڪسين کانسواءِ رهجي ويندڙ آبادي تائين پهچ لاءِ قومي ويڪسينيشن مهم ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو، ڊاڪٽر الجاسر وزيراعظم کي اس??امي ترقياتي بئنڪ جي پروگرامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني جنهن ۾ افغانستان هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ به شامل آه?? جيڪوا فغان عوام جي انساني ۽ معاشي امداد جي ضرورت جي پيش نظر 19 ڊسمبر 2021ع تي اس??ام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اس??امي تعاون تنظيم جي پرڏ??هي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ قائم ڪيو ويو هو، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان اس??امي ترقياتي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مسلسل تعاون ۽ لاڳاپا وڌائڻ جو منتظر آه??.