اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چاڊ جي پنهنجي هم منصب محمد زين شريف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي تعاون جي م??جو??ه نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ چاڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي، سفارتي، واپاري ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي شعبي ۾ تعاون جي فرو?? سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چاڊ جي وچ ۾ گڏيل اعتماد تي ٻڌل گڏيل تاريخ ۽ حصيداري جي بنياد تي ٻ??رفا لاڳاپا هموار آهن. پرڏيهي وزير گڏيل قومن، آفريقي يونين ۽ او آءِ سي سميت علائقائي ۽ عالمي فورمز تي چاڊ جي مثبت ۽ فعال ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ چاڊ هم منصب کي حڪومت جي انگيج آفريقا پاليسي جي مقصدن کان آگاهه ڪندي ان سلسلي ۾ هن وقت تائين کنيل ٺوس قدمن ب??بت آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ”انگيج آفريقا“ پاليسي جي تحت نيروبي ۽ ابوجا ۾ ترتيبوار جنوري 2020ع ۽ نومبر 2021ع ۾ ٻن علائقائي واپاري اي ڪانفرنس جو ڪامياب انعقاد ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي تعاون جي م??جو??ه نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ چاڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي، سفارتي، واپاري ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ ۽ پنهنجي لاڳاپيل وزارتن جي وچ ۾ مسلسل رابطن جي ذريعي ٻ??رفي ميڪنزم قائم ڪرڻ ۽ چاڊ جي ن??جو??ن سفارتڪارن کي فارن سروسز اڪيڊمي اسلام آباد ۾ تربيت جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.