اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ??وا?? حسين چيو آهي ته سيد يوسف رضا گيلاني شريف ماڻهو آهي، استعيفيٰ بلاول يا زرداري جي بڻجي ٿي جن جي چوڻ تي پيپلزپارٽي جا سينيٽر نه آيا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سيد يوسف رضا گيلاني جي استعيفيٰ جي اعلان تي تبصرو ڪندي هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر قيادت پنهنجي پارٽين جي ليڊرشپ جي ڪرتوتن کان پريشان به آهي ۽ شرمنده به?? به??حال انهن پارٽين ۾ تبديلين جو ??فر خوش آئنده آهي.