اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي اط????عا?? ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته آزادي صحافت تي ڪنهن قسم جو پابندي نه لڳڻ گهرجي، صحافين جي تحفظ جي بل ۾ ميڊيا ورڪرز جي تعريف ۾ ڪئميرا مين ۽ ڊرائيورز کي ??ه شامل ڪرڻ گهرجي، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ورڪرز جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اط????عا?? ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيٽر عرفان صديقي سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ صحافين جي تحفظ جي بل تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اسان پهرين به اهڙو بل آڻي چڪا آهيون جنهن جو مقصد صحافين جي شڪايت جي ازالي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ هو، هن چيو ته صحافتي تنظيمن کي ڪميٽي جي اجلاس ۾ گهرايو ويندو، هن چيو ته حڪومت سمورن صحافين ۽ عام ماڻهن کي ??حت ڪارڊز جي ذريعي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اسان سنڌ ۾ به صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪرڻ چاهي??ن ٿا، هن چيو ته ڪميٽي پهرين ئي تجويز ڏئي چڪي آهي ته موجوده قانونن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي، اسان ميڊيا يونينز ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي گڏجاڻي لاءِ گهرائينداسين، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ورڪز جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته حڪومتي کاتن طرفان جيڪي به ادائيگيون ميڊيا کي ??شتهارن جي مد ۾ ٿيڻون آهن، ان جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ميڊيا مالڪن ايترو ??نافعو ڪمائي رهيا آهن ته ميڊيا ورڪرز جون پگهارون به وڌڻ گهرجن، هن اجلاس کي ٻڌايو ته پي ٽي وي اسپورٽس کي ??يڇ ڊي ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اسان کي ??حافين لاءِ فائديمند ميڪنزم بڻائڻ جي ضرورت آهي، سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته اسان چاهي??ن ٿا ته ان ترميم جي ذريعي جيڪا به ڪميشن ٺهي ان کي ??ااختيار ڪيو وڃي، هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي ۽ بهتري جو خيال رکڻ گهرجي.