پشاور- 16 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته 16 ڊسمبر جو ڏينهن اسان کي ان الميي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن انسانيت جي دشمنن مع??وم شاگردن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو. اي پي ايس جي شهيدن جو غم اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ هميشه زندهه رهندو. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شاگردن ۽ استادن جي شهادت هميشه ياد رهندي. اهڙو اظهار هن اي پي ايس جي 7 ورسيءَ جي موقعي تي جاري بيان ۾ ڪيو. وڏي وزير چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول ج?? مع??وم ٻارن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي ملڪ ۾ پائيدا?? امن جو بنياد رکيو ۽ پوري قوم حڪومت ۽ ادارن کي گ??يل دشمن خلاف متحد ڪيو.