اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??حس??س پروگرام تحت فلاحي منصوبن بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن کي اندازو ئي ناهي ته ڪيترو وڏو پروگرام آهي، شفافيت تي ٻڌل اهو پروگرام سماجي فلاحي رياست جي ويزن طرف اهم قدم آهي، قومي اس??مبلي ميمبر ۽ ميڊيا ان فلاحي پروگرامن بابت معلومات حاصل ڪري عوام ۾ شعور اجاگر ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ون ??نڊو ??حس??س مرڪز جي سيون جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي به ساڻس گڏ هئي، وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر صدر جي آجيان ڪئي ۽ کيس ??حس??س جي ون اس??اپ شاپ آپريشنز جي باري ۾ بريفنگ ڏني جيڪو 14 مختلف ٽارگيٽ گروپس لاءِ سمورن فائدن ۽ خدمتن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ٿي. بريفنگ دوران کيس ٻڌايو ويو ته هڪ جاءِ تي ??حس??س جي سمورن فائدن ۽ خدمتن سان گڏ، ون ??نڊو ??حس??س سينٽر وسيلن سان گڏ مستحقين کي سهولت فراهم ڪندو آهي جنهن پهرين پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ڪيترن ئي آفيسن ۾ وڃڻو پوندو هو، بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته انهن پروگرامن ۾ ??حس??س ڪفالت پروگرام، ??حس??س نشو ۽ نما پروگرام، ??حس??س بنا وياج جي قرض اسڪيم، لنگر خانه، پناهگاهن سميت ٻيا پروگرام شامل آهن. صدر وسيع پئماني تي ون ??نڊو ??حس??س خدمتن جو جائزو ورتو ۽ مستحقين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته ان سهولت جي ذريعي ??حس??س جي سمورين خدمتن تائين هڪ جامع طريقي سان پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ اهو هڪ فلاحي رياست جو حقيقي مظاهرو آهي، هن ??حس??س جي سمورين خدمتن ۽ سهولتن جي هڪ ئي ڇت هيٺ انضمام کي ساراهيندي ان ڳالهه جي واکاڻ ڪئي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ضرورتمندن جي خدمت جي لاءِ سنگل ونڊو سروس تيار ڪئي وئي آهي، هن ڊاڪٽر ثانيه ۽ ??حس??س جي ٽيم کي انتهائي ديانتداري ۽ شفافيت سان ڪيترائي ??حس??س پروگرام هلائڻ تي مبارڪباد ڏني.
ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماڻهن کي اندازو ئي ناهي ته ڪيترو وڏو پروگرام آهي ۽ هي غريب طبقن جي لاءِ ڪيتريون ئي آسانيون ??يدا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ??حس??س پروگرام جامع پروگرام آهي جنهن تحت ملڪ جي پوئتي پيل طبقن جي لاءِ تعليم، وظيفن سميت بهتري ۽ ترقي جي 20 جي لڳ ڀڳ پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران ??حس??س پروگرام تحت ??حس??س ڪفالت پروگرام شروع ڪيو ويو، اربين روپيا ڪمزور طبقن ۾ ورهايا ويا، ان ۾ ڪا به ڪرپشن سامهون ??اهي آئي هي ڪرپشن کان پاڪ منصوبو آهي، هن چيو ته مهانگائي جو مسئلو آهي پر يوٽيلٽي اس??ورز تي ڪنٽرولڊ ريٽ تي اٽو، گيهه ۽ کنڊ فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ??حس??س پروگرام جي تحت غريب طبقن لاءِ پروگرام سماجي فلاحي رياست جي ويزن جي طرف اهم قدم آهي، ون ??نڊو سينٽر وسيع درجي جون خدمتون ??يش ڪندو آهي جنهن ۾ ??حس??س ڪفالت، ??حس??س ڪيش ادائيگي جي لاءِ حصيدار بئنڪن جي اي ٽي ايم مشينن، بايو ميٽرڪ تصديق جي لاءِ نادرا آفيس ۽ ??حس??س اسڪول وظيفن، ??حس??س نشونما، ??حس??س انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ، ??حس??س بنا وياج قرض ??حس??س ڊجيٽل انٽرنيٽ ڪيفي، ??حس??س لنگر، ??حس??س تحفظ لاءِ ڊيسڪ کانسواءِ معذوري ماڻهن جي خدمتن جي لاءِ هڪ ڊيسڪ، ماڻهن کي پناهگاهن تائين وٺي وڃڻ لاءِ شٽل سروس، ??حس??س راشن رعايت جي لاءِ ??حس??س يوٽيليٽي اس??ور، مڪمل طور تي ليس ٽريننگ روم، سروي رجسٽريشن ڊيسڪ، عورتن جي لاءِ ر??ٽا??رنگ روم، معلومات ۽ شڪايت جي ڊيسڪ ۽ ڪيتريون ئي ٻيو ڊيسڪون شامل آهن.