اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ اير??ن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن، واپاري تعاون ۽ ٻطرفي ا??تصادي لاڳاپن جي استحڪام تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران خطي ??ي ترقي ۽ خوشحالي جي خواب ??ي تعبير لاءِ ڪوشان آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي هڪجهڙائي ٻه طرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ مستحڪم بنياد فراهم ڪري ٿي، سينيٽ چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار اير??ن جي سفير سيد محمد علي حسيني سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي تعاون واکاڻ جوڳو آهي ۽ پاڪستان ايران سان پنهن??ي تاريخي لاڳاپن کي ا??تهائي ا??ميت ڏي ٿو ۽ اس??ن جي خواهش آهي ته انهن لاڳاپن کي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي سطح تي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ ايران سدائين هڪٻئي سان عالمي فورمن تي تعاون ڪيو آهي ۽ مختلف مسئلن تي هڪجهڙو موقف اختيار ڪيو آهي، هن دفاعي سطح تي تعاون کي به مثالي قرار ڏنو آهي، اير??ن جي سفير سينيٽ چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملاقات ۾ مڪران ڊويزن ۽ خاص طور تي گوادر کي ا??ران پاران بجلي جي فراهمي منقطع ٿيڻ جو معاملو به غور هيٺ آيو. سينيٽ چيئرمين اير??ن جي حڪومت کي گوادر ۽ مڪران ڊويزن جي بجلي بحال ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته بجلي جي بندش سان علائقي جي عوام کي مشڪلاتون درپيش هيون ۽ بحالي سان عوام کي رليف مليو آهي، سينيٽر ڪهده بابر به ان سلسلي ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ اير??ن جي سفير ??ي تعاون جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي ذاتي ڪوششن سان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي، سينيٽ چيئرمين جي متوقع اير??ن جي دوري جي حوالي سان سفير سينيٽ چيئرمين کي دوري جي رخن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ايران دوست ملڪ آهي ۽ اير??ن جو دورو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.