اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) بلوچستان ۾ وفاقي ادارن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي ۽ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن کي اجلاسن ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته عوامي ڀلائي بابت اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بلوچستان ۾ 17 وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن جي ڊيش بورڊز جو جائزو ورتو ويو، صوبي ۾ وفاقي ادارن کي 11000 کان وڌيڪ شڪايتون مليون، 90 ??يڪ??و حل، عوام پاران 37 ??يڪ??و اطمينان جو اظهار ??يو ويو، بلوچستان ۾ سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن جي حل ۽ وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. بلوچستان جي گو??نر وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ موڪلي ۽ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي، بلوچستان جي گو??نر جي شڪايت تي وزيراعظم ڪاوڙ ??و اظهار ??يو آهي، وزيراعظم ڊيليوري يونٽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن کي خط جاري ??يو آهي. صوبي ۾ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن کي اجلاسن ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ خبردار ??يو ويو آهي ته عوامي ڀلائي بابت اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.