پشاور – 09 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آهي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ سڌارا جاري آهن، واپاري بر??در?? ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، افعانستان ۾ امن سان خيبرپختونخواهه کي فائدو ۽ علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي ڪاروباري بر??در?? سان ملاقات ۾ ڪيو. خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، ايف پي سي سي آءِ جو اڳوڻو صدر غضنفر بلور، سرحد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر شير باز الياس ۽ چيمبر جا ٻيا عهديدار به موجود هئا. صدر چيو ته مڪمل ٽيڪس ادائيگي سان واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۾ مدد ملندي، واپاري بر??در?? ملڪ ۾ ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، صدر عارف علوي چيو ته موجوده حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وبا دوران 1.2 ک??ب جو معاشي رليف پيڪيج ڏنو ويو آهي، حڪومت واپاري بر??در?? کي چٽاڀيٽي ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آهي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ سڌارا جاري آهن. صدر چيو ته واپاري بر??در?? حڪومت سان رابطا وڌيڪ بهتر ڪري ۽ ڪاروباري ماحول جي بهتري لاءِ تجويزون ڏي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت ۽ آءِ ٽي شعبي ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.