اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وز??راعظم اسلاموفوبيا ۽ ناموس رسالت ﷺ تي صاف موقف، عالمي فورمز تي ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ، ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت حڪومتي قدمن کي 22 ڪروڙ عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پي ٽي وي ۽ ٻين رياستي ميڊيا جو اهم ڪر??ار آهي، پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) قومي ادارو آهي ان جي وقار جي بحالي اولين ترجيح آهي. هو پي ٽي وي ۾ پي ٽي وي جنرل مينيجرز اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو ته ماضي جا ناظرين واپس آڻڻ پي ٽي وي جي سمورن چ??نلن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته پهريون ڀيرو غريب، بي سهارا ۽ پوئتي پيل طبقن جي لاءِ احساس پروگرام، ڪامياب جوان پروگرام، لنگر خانا ۽ پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن، ماضي جي حڪو??تن ۾ اهڙي ڪا روايت نٿي ملي، اسان کي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جي منصوبن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻي آهي.