اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي باباءِ قو?? قائداعظم محمد علي جناح جي يوم وفات جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح رح هڪ عظيم اڳواڻ ۽ ذهانت ۽ فراصت جو بهترين پيڪر هو، محمد علي جناح رحه پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪندي ڌار ملڪ جي جدوجهد شروع ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ هند جي مسلمانن لاءِ ٻه قو??ي نظريي جي بنياد تي پاڪستان جو قيام عمل ۾ آندو، پوري قو?? پاڪستان جي باني کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، قائداعظم محمد علي جناح رح جي تعليمات ۽ ان جي فرمانن جي اهمي?? موجوده دور جي مسئلن کي س??مه??ن رکندي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن.