اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي صدارت ۾ پارلياماني وزرات ۾ شڪايت سيل جو اجلاس ٿيو ??نهن ۾ ڪابينا سيڪريٽري، پارلياماني معاملن وارو ??يڪريٽري ۽ وزارت جا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. عوامي شڪايتن جي حل بابت وزرات جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه سڄي ملڪ مان مليل 53 ه??ار مان 41 هزار شڪايتون حل ڪيون ويون آهن، 11 هزار شڪايتن جي جاچ پڙتال جو ڪم جاري آهي، جلد حل ڪيو ويندو.