اسلام آباد ?? 05 ??گسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اولمپيئن اصلاح الدين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ هاڪي جي فروغ جي حوالي سان مع??ملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس موجب ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته قومي راند جي فروغ جي حوالي سان حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي.