اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته هندو بالادستي جي فلسفي تي عمل پيرا مودي حڪومت ن??زي فلسفي کي زنده رکيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع تي لڳايل ڪرفيو ۽ فوجي گهيرو اڃا پڻ جاري آهي. پنهنجي ٽويٽر بيان ۾ ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته ڀارتي غ??رقانوني والاريل ڄمون ڪشمير جي ڀارت سان غيرقانون الاٽ کي هڪ سال گذري چڪ?? آهي جيڪو هڪ جنگي ڏوهه آهي. ڪرفيو لاڳو ڪرڻ بعد علائقي جو 5 آگسٽ 2019ع کان شروع ٿيل فوجي گهيرو اڃا جاري آهي. هن چيو ته هن وقت مودي ف??شسٽ جي گهٻراهٽ عروج تي آهي.