اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڏکڻ پنجاب جي ضلعن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبر?? اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي و??ير شاهه محمود قريشي، سيد فخر امام، ??خد??م خسرو بختيار، مملڪتي و??يرن زرتاج گل، محمد شبير علي قريشي، قومي اسيمبلي ميمبر ملڪ عامر ڊوگر، ظهور حسين قريشي، ??خد??م زين حسين قريشي، محمد ابراهيم خان، رانا محمد قاسم نون، ميان محمد شفيق، طاهر اقبال، اورنگزيب خان کچي، ??خد??م سميع الحسن گيلاني، سيد مبين احمد، چوڌري جاويد اقبال، عامر طلال گوپانگ، عبدالمجيد خان نيازي، نياز احمد جکڙ، خواجه شيراز محمود، محمد امجد فاروق خان کوسا، سردار نصرالله خان دريشڪ، سردار رياض محمود مزاري، ڪنول شوزب، ڊاڪٽر افضل ڍانڍلا، ثناءُ الله مستي خيل ۽ سردار محمد خان لغاري شامل هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي لاءِ موجوده حڪومت پاران کنيل قدمن جو مقصد ڏکڻ پنجاب جي عوام کي نمائندگي ڏيڻ ۽ بااختيار بڻائڻ آهي ته جيئن انهن جا مسئلا انهن جي درن تي حل ٿي سگهن. ان ڏس ۾ وزيراعظم پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جيڪا پنجاب جي وڏي و??ير سان ملاقات ڪندي ۽ انتظامي معاملن ۾ درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي.