اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئون پنهنجي عيد پي آءِ اي جي جهاز حادثي جي شهيدن، ڪورونا جي صورتحال ۾ روزي ڪمائڻ جي ڪوشش ??ندڙ سڀني غريبن، ڊاڪٽرن، نرسز، ڪورونا جي مريضن، ڀارتي ظ??م برداشت ڪندڙ ڪشميرين، ڀ??رت ۾ اسلامو فوبيا کان متاثر مسلمانن، فلسطينين ۽ مسلمان پناهگيرن جي نالي وقف ڪريان ٿو، سمورن ??اڪستانين کي اپيل آهي ته اهي سماجي فاصلي تي عمل ڪن. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجي سمورن ??اڪستانين بلڪه سمورن انسانن کي درخواست آهي ته اهي سماجي فاصلن تي عمل ڪن، ماسڪ پائين، پنهنجا هٿ ڌوئين ته جيئن اهي پاڻ ۽ پنهنجي پيارن ۽ دوستن کي ڪورونا کان محفوظ رکن.