اسلام آباد – 15 211; ??ئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پش??ور ۾ سک برادري سان تعلق رکندڙ ٻن پاڪستانين جي قتل جي سخت مذمت ڪندي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير صوبي ۾ شهرين خاص طور تي غي??مس??مان پاڪستانين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي، رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته ان دهشتگردي جي پٺيان پاڪستان دشمني آهي، اهڙن دشمنن کي ختم صفحه هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. وزيرا??ظم شهباز شريف رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته متاثر خاندانن کي يقين ڏياريون ٿا ته قاتلن جي گرفتاري ۾ وفاقي حڪومت مڪمل تعاون ڪندي.