اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??هار ڪيو ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو ا??هار ڪيو آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب ??زيراعظم ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي لانس حوالدار زبير قادر، سپاهي عزيز اصغر ۽ سپاهي قاسم مقصود جي شهادت تي افسوس جو ا??هار ڪيو ۽ سندن قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظ?? محمد شهباز شريف خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٻارن 4 سالا انعم، 8 سالا احسن ۽ 11 سالا احمد حسن جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو ا??هار ڪيو ۽ چيو ته معصوم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ انسانيت ٻنهي جا دشمن آهن، ان سفاڪ وحشت ۽ درندگي جي خاتمي تائين سک سان ن?? ويهنداسين، قاتلن جي سرپرستن کي سزا ڏئي رهنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جون عظيم قربانيون اسان جي تاريخ جو سنهري باب آهي، پنهنجي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي، شجاعت ۽ شهادت اسان جي فوج جي شاندار روايت آهي، اسان جي شهيدن ان کي برقرار رکيو آ??ي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.