اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کنڊ جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ کنڊ جو ذخيرو ۽ قيمت مستحڪم رکڻ لاءِ کنڊ جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪر?? جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي ۽ کنڊ جي قيمت کي مستحڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم اسمگلنگ جي خلاف سخت قدمن جو به حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته ذخيرو ڪندڙن، ناجائز منافعو ??ما??يندڙن ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي پنهنجي حڪمن تي موثر عملدرآمد کان مسلسل آگاهه ڪر?? جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم خبردار ڪيو ته ان سلسلي ۾ غفلت ۽ ڪوتاهي ٿي ته لاڳاپيل آفيسر ۽ عملو ذميدار هوندو.