اسلام آباد – 23 – اپريل (اي ??ي ??ي) وزيراعظم شهباز ??ريف چيو آهي ته آئين جي بالادستي سان ئي پاڪستان ۾ جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان قومي اسيمبلي ??يم??ر محسن شاهنواز ??انجها اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ پاڪستان جي معاشي ??رق?? جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو ته آئين جي بالادستي سان ئي پاڪستان ۾ جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. محسن شاهنواز ??انجها ان يقين جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شهبازشريف جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت ۾ ??رق?? جي اها ئي رفتار نظر ايندي جيڪا سندس قيادت ۾ ??نج??ب ۾ ڏٺي وئي.