اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف چي?? آهي ته آئين ٽوڙيندڙن خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪنداسين، تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي ت?? ضابطو آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، عمران خان دوست ملڪن کي به ناراض ڪري ڇڏيو، ادارن جي خلاف مهم هلائيندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ايندا، سياسي سرگرمين جي اجازت آهي، انتشار پکيڙڻ جي نه، ميرٽ کان هٽي ڪري ڪو ڪم نه ٿيندو، اميد آهي ته پيپلزپارٽي ڪابينا جو حصو بڻجندي، اتحادي حڪومت آهي سڀني کي حصو بڻجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وز??را??ظم هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وز??را??ظم چيو ته هاڻي پنجاب اسپيڊ نه پاڪستان اسپيڊ ٿيندي، ڪنهن ملڪي وسيلن جو ناجائز استعمال ڪيو ته قانون جو رستو اختيار ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ وز??را??ظم چيو ته متحده ميمبرن سان ملي آي?? آهيان، سڀاڻي مزار قائد ويندس، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارليامينٽ جو مدو ڏيڍ سال آهي، اسان کي ڪيترو عرصو رهڻ?? آهي اهو فيصلو اتحادي گڏجي ڪندا، (ن) ليگ جي سوچ آهي ته سڌارا ڪريون ۽ اليڪشن ۾ وڃون، هن چيو ته سڀ کان وڏو چئلينج تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي ت?? ضابطو آڻڻ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته سياسي سرگرمين جي سڀني کي اجازت آهي، انتشار پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پيپلزپارٽي ڪابينا جو حصو بڻجندي. هن چيو ته اتحادي حڪومت آهي سڀني کي حصو بڻجڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن صدر جي طبيعت ٺيڪ نه آهي ته الله کيس صحت ڏي، آئين ٽوڙيندڙن جي خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪنداسين. هن چيو ته مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شارٽ ۽ ميڊيم ٽرم پلان ٺاهي رهيا آهيون، ڳالهين سان قومون ناهن ٺهنديون، آچر تي به ڪم ڪرڻو پوندو، ٻه موڪلون خوشحال قومون ڪنديون آهن. وز??را??ظم چيو ته اسان ڪنهن کي ڪجهه نه چونداسين، ادارا پنهنجو ڪم ڪندا، ادارن جي خلاف مهم هلائيندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ايندا. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪشمير، افعانستان تي بريفنگ پارليامينٽ ۾ ٿي ته ليٽر گيٽ تي ڇو نه، مودي کي مشورو ڏن?? آهي ته ڪشمير مسئلو حل ڪري پائيدار امن طرف هلون. وز??را??ظم چيو ته اسٽيٽ ??ئن?? جي گورنر جي مستقبل تي به مشاورت ٿيندي، تحريڪ انصاف وارا خزانو خالي ڪري ويا آهن، عمران خان دوست ملڪن کي به ناراض ڪيو، جيڪي ملڪ دوست بڻجڻ چاهيندا هئا، انهن سان به لاڳاپا خراب ٿيا. هن وز??را??ظم هائوس کي پاڪستان هائوس ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته وز??را??ظم هائوس ۾ پوري پاڪستان مان بيوروڪريسي آڻينداسين، بيوروڪريسي تي واضح ڪري ڇڏي?? آهي ته ميرٽ کان هٽي ڪري ڪو ڪم چوان ته منع ڪري ڇڏيو، وز??را??ظم چيو ته هر فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو.