اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين ??هانزيب خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي تعطل جو شڪار ترقياتي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عوامي فلاحي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن پلاننگ ڪميشن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٺوس منصوبابندي سان ٺوس پاليسين ??ي جوڙجڪ ۽ پاليسين ??ي تسلسل سان ملڪي م??اشي، اقتصادي ترقي يقيني بڻائينداسين. هن هدايت ڪئي ته وزارتون ۽ ڊ??يزنون گڏيل تعاون کي يقيني بڻائين. هن چيو ته عوامي فلاحي منصوبا وڌيڪ غفلت ۽ نظراندازي جو شڪار نه ٿيندا، ترقي جو سفر ا??ان شروع آهي، ج??ان رڪيو هو، ملڪ ۽ قوم جو هڪ رپيو به ضايع نه ٿيڻ ڏينداسين.