اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا ۽ عالم سڳورن تي زور ڏنو آهي ته هو خانداني منصوبابندي تي عوام جي ??هنمائي ڪن ڇو ته جامع ۽ مسلسل آگاهي نه رڳو ماءُ ۽ ٻار جي ??حت پر قومي ترقي لاءِ به اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دي چئلينج انيشي ايٽو پاڪستان جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ميڊيا کي گهرجي ??ه هو پنهنجي ڊرامن، مارننگ شوز ۾ ماڻهن کي ان موضوع کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ خاندان بابت بار بار پيغامن جي فراهمي کي يقيني بڻائي، اهڙي طرح عالم سڳورن کي صحت بابت پيغام پهچائڻ جي لاءِ منبر جو استعمال ڪرڻ گهرجي ??هڙوڪ انهن ڪورونا دوران ڪيو هو. هن چيو ته پاڪستان جهڙي قدامت پسند معاشري ۾ اها به حڪومت جي ??ميداري آهي ته هو ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ احساس پروگرام جي ??ستياب ذريعن جي ??ريعي حمل بند ڪرڻ جي ??وائن تائين آسان پهچ کي يقيني بڻائي. هن چيو ته احساس پروگرام جي ??ريعي حڪومت تقريبن هڪ ڪروڙ 70 لک خاندانن سان رابطي ۾ آهي جنهن کي ڪيترن موضوعن تي پيغام پهچائڻ جي لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. صدر چيو ته حڪومت تمام گهڻي آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته احساس ڪيش امداد ۽ ڪاروباري قرضن جهڙن حڪومت جي ??اري قدمن جي نتيجي ۾ عورتن کي بااختيار بڻايو ويندو جيڪي بعد ۾ خانداني منصوبابندي تي پنهنجي ??مايتي آواز کي وڌائي سگهنديون. هن چيو ته غذائيت جي کوٽ، تازن ڄاول ٻارن جي موت، ويم دوران موت جي ??رح ۽ ٻارن ۾ غذائي کوٽ جا معاشري تي منفي اثر پوندا آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت عورتن کي مراعتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت جديد حمل روڪ دوائن تائين پهچ کي يقيني بڻائي ته پاڪستان ۾ ساليانو 90 لک بنا مرضي جي ??مل جا انگ اکر ه?? سال جي ??ندر اڌ رهجي ??گهن ٿا. صدر عالم سڳورن جي خانداني منصوبابندي جي مخالفت ڪرڻ جي ??صور کي به رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته مصر، بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ ايران سميت ٻين مسلمان ملڪن ۾ ان مسئلي کي ڪاميابي سان حل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انٽرا يوٽرين ڊيوائيسز جي مقامي سطح تي پيڪجنگ جلد شروع ٿيڻ جي ??ميد آهي جنهن سان فرق پوندو. ملڪ انجڪشن ايبل هارمونز متعارف ڪرائڻ جي ??رف وڌي سگهي ٿو. صدر علوي بل اينڊ ميلنڊا گي??س فائونڊيشن جو پوليو جي ??لاف جنگ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ خانداني منصوبابندي جي معاملي تي تعاون فراهم ڪرڻ تي به ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي ??حت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته وڏي آبادي ملڪ جو اثاثو بڻجي ??گهي ٿي جيڪڏهن اها بهترين طريقي سان تعليم يافته ۽ بهترين ذهني ۽ جسماني صحت سان مالا مال هجي. هن چيو ته حڪومت عورتن کي بااخيتار بڻائڻ ۽ نوجوانن کي هنرمندي جي ??ربيت ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن هو دنيا ۾ چٽاڀيٽي قوت بڻجي ??گهن. هن چيو ته 2030ع جي خانداني منصوبابندي جي هدفن تحت حڪومت حمل روڪ دوائون استعمال ڪرڻ وارين عورتن جي ??ناسب کي موجوده 35 سيڪڙو کان وڌائي 60 سيڪڙو ڪرڻ جو هدف رکيو ??هي?? هن چيو ته ٽي سي آءِ پروگرام جي ڪامياب انعقاد لاءِ ضلعي حڪومت سان تعاون تي ڌيان ڏنو ??هي?? هن حڪومت پاران ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ 10 لک روپين جي هيلٿ انشورنس سهولت جي ??غاز جو ذڪر ڪيو، هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ سال دوران پوليو جو هڪ به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو ۽ ايستائين جو ماحولياتي نمونا وٺڻ سان به ٻن مهينن دوران ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو، ٽي سي آءِ جي ??يگزيڪيٽو ڊائريڪٽر گلوبل ڪوجو اوو ڪولوڪو چيو ته ٽي سي آءِ پاڪستان جو آغاز توليدي صحت جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي ??زم کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته ٽي سي آءِ هڪ عالمي پليٽ فارم آهي جنهن صوبائي حڪومتن کي شهري علائقن ۾ خانداني منصوبابندي جي ??ثرن کي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪئي جيڪا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪامياب ثابت ٿي آهي. تقريبن 110 ملين جي ??بادي تي ٻڌل 11 ملڪن جي ??قريبن 112 شهرن ۾ پنهنجي موجودگي سان، ٽي سي آءِ جي قيادت بل اينڊ ميلنڊا گيٽس انسٽيٽيوٽ فار پاپوليشن اينڊ ري پروڊڪيٽو هيلٿ ڪئي ??هي?? جيڪا جانز هاپڪنز بلومبرگ اسڪول آف پبلڪ هيلٿ آمريڪا ۾ واقع آهي. تي سي آءِ پنجاب، سنڌ ۽ اسلام آباد جي وڏن شهرن ۾ صوبائي حڪومتن جي مدد سان جديد حمل روڪ ۽ خانداني منصوبابندي تائين پهچ ۾ مدد ڪندو. گرين اسٽار سوشل مارڪيٽنگ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر سيد عزيز الرب چيو ته پاڪستان ۾ ساليانو هڪ ڪروڙ حمل مان تقريبن 40 لک بنا خواهش جي هوندا آهن. تقريبن 29 لک عورتن کي حمل جي مرحلي مان گذرڻو پيو ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ پيچيدگين مان 10 هزار کان وڌيڪ عورتن جو مو ٿيو. چئلينج انيشي ايٽو هڪ اهڙو پليٽ افرم آهي جيڪو مقامي حڪومتن کي اها طاقت ڏي ٿو ته هو غريب خاندانن کي فائدو پهچائڻ لاءِ صحت جي ??هترين عمل کي تيزي سان ۽ پائيدار طريقي سان اختيار ڪن. اوڀر آفريقا، اولهه آفريقا، انڊيا، نائيجيريا ۽ فلپائن ۾ پنج ٻين مرڪزن کانپوءِ ٽي سي آءِ پاڪستان گرين اسٽار جي ??ريعي ڪم ڪندڙ ڇهون مرڪز هوندو.