اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو آهي ته مصر خطي جو هڪ اهم ملڪ ۽ ان جو استحڪام ۽ ترقي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي، اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر مصري سفير طارق دهرواگ سان ڳالهائيندي چئي. جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. شاهه محم??د قريشي چي?? ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته مصر جو صدر عبدالفتح السيسي جي قابل قيادت ۾ سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف گامزن آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ هڪجهڙي ثقافتي وابستگي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، پرڏيهي وزير چي?? ته ٻئي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي موقف ۾ هڪجهڙائي خوش آئنده آهي من??نج?? گذريل سال مصر جي دوري دوران صدر السيسي ۽ پرڏيهي وزير سامع شڪري س??ن تمام فائديمند ملاقاتون ٿيون. هن چي?? ته پاڪستان مصري پرڏيهي وزير سامع حسن شڪري جي پاڪستان جي دوري ۽ اسلام آباد ۾ چوٿين گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي جلد انعقاد جو منتظر آهي. مصري سفير پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پن??نج?? هر ممڪن تعاون جي خاطري ڏياري.