اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، افغانستان کي اڪليو نه ڇڏيو وڃي، ڪورونا وبا جي ڪري پوري دنيا جي ڪري پوري دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، عالمي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي پرائيسز ۾ اضافي جا اثر پاڪستان تي به پيا، ڪورونا وبا دوران ??اڪستان حڪومت غريب عوام کي ريليف فراهم ڪيو، پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي لاءِ جاپان جي فني معاونت جي آجيان ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال، پاڪستان ??يليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان جي لاءِ جاپان جي فني معاونت سميت ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ??ه افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، دنيا افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اشرف غني کي به اليڪشن بدران ??وس حڪومت جو مشورو ڏنو هو پر هن اسان جي ڳالهه نه ٻڌي. هن چيو ??ه افغانستان جو امن دنيا جي امن جي لاءِ لازمي آهي، دنيا کي افغانستان ۾ امن جي ڪوششن ۾ اڳتي اچڻو پوندو. ڪورونا وبا دوران ??اڪستان حڪومت جي حڪمت عملي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري پوري دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، پاڪستان حڪومت نه رڳو ڪورونا وبا جو بهتر حڪمت عملي سان ??قابلو ڪيو پر پنهنجي معيشت کي به مستحڪم ڪيو. هن چيو ??ه اڄ ملڪ ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 10 سيڪڙو ترقي ٿي آهي، تعميرات، ٽيڪسٽائ??ل ۽ زراعت جا شعبا به ترقي طرف گامزن آهن. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران حڪومت غريب عوام کي ريليف فراهم ڪيو، صحت ۽ احساس راشن پروگرام حڪومت جا وڏا قدم آهن جيڪي عوام جي ڀلائي لاءِ شروع ڪيا ويا. هن چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري عالمي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي پرائيسز ۾ اضافي جا اثر پاڪستان تي به پيا، درآمدي شين جي ڪري اسان جي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ به اضافو ٿيو. جاپان ??اران ??ي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي لاءِ فني تعاون جي آجيان ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي اسپيڪٽرم تبديل ٿي رهيو آهي، پي ٽي وي جا ٻه نيوز چينلز پي ٽي وي نيوز ۽ پي ٽي وي اسپورٽس ايڇ ڊي ڪري ڇڏيا آهن، پي ٽي وي انگلش ۽ پي ٽي وي هوم کي به ايڇ ڊي ڪيو پيو وڃي. ان ??وقعي تي جاپان جي سفير چيو ته جاپان ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي کي فني معاونت فراهم ڪندو. هن چيو ته جاپان ??عيشت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي.