اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته بلاول اڄ جي ڏينهن مطالبو ڪري ها ته ڪرپشن، جعلي اڪائونٽس ۽ ڦرلٽ ڪندڙن کي نشان عبرت بڻايو وڃي، ڪير وهم ۾ نه رهي، اسان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز هن ڌرتي کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. اهڙن خي??لن جو اظهار مملڪتي وزير فر?? حبيب بلاول زرداري ??ي خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي ڪيو. اڄ اسان جو پيارو پاڪستان ان لاءِ مشڪل ۾ آهي ته ماضي ۾ زرداري ۽ شريف فيملي ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو. فر?? حبيب چيو ته بلاول ڀٽو، سنڌ جي عوام کي ذخيره اندوزن، ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي ڇو ڇڏيو آهي؟ مملڪتي وزير چيو ته سنڌ ۾ انڌير نگري چرٻٽ راڄ آهي، عوام انهن ڪرپٽ حڪمرانن کان ڇوٽڪارو گهري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي آهي، اڄ به 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1500 رپين کان به مهانگو ملي رهيو آهي. فر?? حبيب چيو ته 2023ع جي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جو سنڌ ۾ به خاتمو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته بلاول صاحب، پنهنجي اين آر او سٽيل زرداري کي به سمجهايو ته اين آر او وٺڻ جي لاءِ ڪوششون بند ڪري. مملڪتي وزير چيو ته بلاول ٻڌائي ته 13 س??لن ۾ اهڙو ڪهڙو وڏو ڪم سنڌ جي عوام جي لاءِ ڪيو آهي؟