اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۾ سريلنڪا جي هاءِ ڪم??نر موهن ويجي وڪرما سان ملاقات ڪئي ۽ سريلنڪا جي شهري سان سيالڪوٽ ۾ پيش آي?? واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير سريلنڪا جي هاءِ ڪم??نر کي سيالڪوٽ جي واقعي کانپوءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سيالڪوٽ واقعي جي سڄي ملڪ ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي سريلنڪا جي هاءِ ڪم??نر حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سيالڪوٽ واقعي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اثر نه پوندا.