اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ هنرمند پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي عالمي معيار جي پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪرڻ حڪ??مت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. عمران خان جي صدارت ۾ ترجيحي شعبن جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس کي ٻاهر??ن ملڪ افرادي قوت، ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ انتظامي طريقيڪار کي آس??ن بڻائڻ ۽ وزيرا??ظم جي ٻاهر??ن ملڪ دورن تي صحيح ٿيل مفاهمتي يادداشتن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيرا??ظم چيو ته نوجوانن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، سفارتخانن کي ان حوالي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت ۽ اوورسيز سان تعاون سان هنر مند افرادي قوت جي برآمد کي يقيني بڻائين، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ان حوالي سان جامع حڪ??ت عملي جوڙي وئي آهي، سمورا ادارا گڏيل تعاون سان افرادي قوت جي عالمي کپت کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، حڪ??مت ننڍي ۽ وچولي طبقي جي ڪاروبار کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ترجيحي شعبن ۾ قدمن لاءِ تعين ٿيل وقت جو خاص خيال رکيو وڃي. اجلاس کي ٻاهر??ن ملڪ افرادي قوت، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ انتظامي طريقيڪار کي آس??ن بڻائڻ ۽ وزيرا??ظم جي ٻاهر??ن ملڪ دورن تي صحيحون ٿيل مفاهمتي يادداشتن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، افرادي قوت جي برآمدات وڌائڻ لاءِ اوورسيز ايمپلائيمنٽ پورٽل شروع ڪيو ويو آهي، پورٽل ٻاهر??ن ملڪ روزگار جا موقعا ۽ اميدوارن جي وچ ۾ هڪ رابطي جو ڪم ڪري رهيو آهي، پورٽل سان عالمي سطح تي گهربل اسڪل سيٽ جي نشاندهي به ٿي رهي آهي، پورٽل ٻاهر??ن ملڪ روزگار جي اهل اميدوارن کي شفاف طريقي سان روزگار جي ڳولا ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي، مقامي هنرمند ماڻهن کي ٻاهر??ن ملڪ روزگار جي حصول ۾ معاونت لاءِ حڪ??مت طرف لائحه عمل تيار آهي. بريفنگ ۾ٻڌايو ويو آهي ته پهر??ن مرحلي ۾ ترجيحي شعبن ۽ ملڪن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت نشاندهي ڪيل شعبن ۾ تربيت فراهم ڪندي، هن وقت تائين وزارت تحت تربيت ٿيل 50 هزار ماڻهو ٻاهر??ن ملڪ مختلف شعبن ۾ خدمتن جي ذريعي 2.6 ارب ڊالر جو پرڏيهي ناڻو موڪلي چڪا آهن، نيشنل ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل اڄ تائين پنج عالمي ادارن سان سرٽيفڪيشن حاصل ڪري وڌيڪ ادارن سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. وزيرا??ظم هنرمندي افرادي قوت جي برآمد وڌائڻ لاءِ قدمن کي جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس کي وزيرا??ظم جي ٻاهر??ن ملڪ دورن جي موقعي تي صحيحون ٿيل مفاهمتي يادداستن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مفاهمتي يادداشتن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري ان تي عملدرآمد جاري آهي، جن منصوبن تي عملدرآمد ۾ رڪاوٽون درپيش هيون انهن کي به ختم ڪري جلد ڪم مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس کي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ انتظامي طريقيڪار کي آس??ن بڻائڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ انتظاميه سڌارن تي عملدرآمد تيزي سان جاري آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پهرين ۽ ٻي مرحلي ۾ 98 ۽ 96 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي جڏهن ته تازو ئي شروع ڪيل ٽئ??ن مرحلي ۾ به ترجيحي بنيادن تي ڪم جاري آهي، آس??ن ڪاروبار پورٽل تي ڪم مڪمل آهي جنهن کي جلد شروع ڪيو ويندو، 21 شعبن ۾ 58 ادارن ۾ 68 سڌارا لاڳو ڪيا پيا وڃن، سڌارن سان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ آس??ني ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پورٽل تي فيڊ بيڪ جو طريقيڪار به واضح ڪيو ويو آهي جنهن سان شعبي مان سڌو سنئون راءِ ملندي، کاڌي پيتي جي شين جي معيار کي پوري ملڪ ۾ هڪجهڙو ڪرڻ لاءِ اسٽينڊرڊز جاري ڪيا ويا آهن جنهن کي سمورا صوبا متفقه طور تي لاڳو ڪندا. بريفنگ ۾ اجلاس کي سيڙپڪاري جي شعبي ۾ رڪاوٽن ۽ ان جي حل لاءِ حڪ??مت جي قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيرا??ظم رڪاوٽن کي جلد حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي سموري اين او سي جي ڊجيٽل شروع ڪرڻ تي ڪم به جلد مڪمل ڪري وٺندي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻاهر??ن ملڪن مان گند ڪچري جي درآمد تي جامع حڪ??ت عملي جوڙي پئي وڃي ۽ مقامي گند ڪچري کي متبادل جي طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پيمرا پاران هوٽل مالڪن کي ڌار ڪيبل لائسنس جاري ڪرڻ تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي، اجلاس ۾ وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو وزير شفقت محمود، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.