اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ مناسب اضافو ڪيو آهي، بجيٽ ۾ وڌيڪ وڌائينداسين، مهانگائي گهٽ ڪرڻ لاءِ پورو زور لڳائينداسين، قيمتون گهٽ ٿيندي نظر اينديون، سينيٽ اليڪشن ۾ ٻول??ون لڳي و??ون آهن، سينيٽ اليڪشن جي ??ري?? ۽ وڪري جي معاملي تي وڊيو جي جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، پي ڊي ايم چوري بچايو موومينٽ آهي، اهي رليف چاهين ٿا پر رليف نه ملندو، تحريڪ لبيڪ سان معاهدي جي مطالبن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، سياستدانن اربين روپين جي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪيو آهي، جيڪڏهن حڪومتي پارٽي جي ميمبر سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو آهي ته شڪايت ڪريو، ايڪشن ورتو ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي وزيراع??م عمران خان چيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ گذريل 30 سالن کان ووٽ ??ري?? ۽ وڪرو ٿيندا پيا اچن ۽ پئسو پارٽي ??يا??ت تائين ويندو آهي، ڪنهن ان کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، وڊيو جيڪڏهن اسان وٽ پهرين هجي ها ته جن ٻن ميمبرن کي اسان گذريل سينيٽ اليڪشن ۾ پارٽي مان ڪڍيو هو انهن جي خلاف عدالت ۾ پيش ڪر??ون ٿا، هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ٻول??ون لڳي و??ون آهن، بلوچستان جي سينيٽ جي سيٽ جي قيمت 50 کان 70 ڪروڙ روپيا هلي وئي آهي، سينيٽ اليڪشن ۾ ايم پي اي پنهنجو ضمير وڪڻندا ۽ اهي سينيٽرز جيڪي پئسو ڏئي ضمير ??ري?? ڪندا اهي ڪهڙي پاڪستان جي جمهوريت جي خدمت ڪندا،.