اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ??اڪ??تان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس ڏڻ جون دلي مبارڪون ڏيندي چيو آ??ي ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ هڪٻئي جي عقيدن ۽ نظرين جي احترام جي ذريعي ئي امن ۽ ترقي جي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ سڄي دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي انتهائي اڻٽر آهي ۽ دنيا جا سمورا مذهب امن، محبت، برداشت ۽ ا??سا??يت جي احترام جو سبق ڏين ٿا. پائيدار امن جي قيام لاءِ بين المذاهب مڪالمه ضروري آهي، هن چيو ته انفرادي ۽ اجتماعي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آ??ي ته جيئن دنيا کي امن جو گهوارو بنائي سگهجي ۽ اهو ڏينهن ان لحاظ کان انتهائي اهم آ??ي ته ان ڏينهن ان عظيم مسيحا جو ظهور ٿيو جنهن ا??سا??يت کي امن، برداشت ۽ محبت جو درس ڏنو، سينيٽ چيئرمين چيو ته مسلمان جي حيثيت سان حضرت عيسيٰ عليه السلام الله تعاليٰ جي پيغمبر جي طور تي اسان جي لاءِ قابل قدر آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو امن ۽ محبت جو پيغام ۽ تعليم اسان جي لاءِ ايتري ئي اهم آهي جيتري اسان ج?? عيسائي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ اهميت رکندي آهي.