اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعا??ن تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت ل??ءِ بيلاروس جو وزيراعظم رومان گولوف چينڪو گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو آهي. نور خان ايئر بيس تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سندس ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارن معزز مهمان کي گلدستا پيش ڪيا.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خير سگالي جون ڳالهيون به ٿيون. بيلاروس جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به هو. واضح رهي ته شريڪ ملڪن جا نمائندا اڳ ئي شنگهائي تعا??ن تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ل??ءِ پهچڻ شروع ٿي ويا آ??ن. ڪانفرنس ۾ شرڪت ل??ءِ ايندڙ مهمانن جي آجيان ل??ءِ سڄي شهر کي رنگ برنگي روشنين ۽ گلن سان سجايو ويو آهي ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جا جهنڊا به لڳايا ويا آ??ن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو.