نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان پنهنجي ملاقات کي انتهائي ??اڀ??ئتو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ملاقات ۾ اسان جي گڏ??ل لاڳاپن جو مجموعو ڪاٿو خا?? طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اسان کي ڪويت سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي. ايڪس تي پ??هنجي پ??سٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان انتهائي ڪارائتي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏ??ل لاڳاپن جي مجموعي ڪاٿي خا?? طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون ۽ عوامي وفدن جي مٽاسٽا جو ??ائزو ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته هن ڪويتي ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، اسان کي ڪويت سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ معاشي سيڙپڪاري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون.