اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سمورن منصوبن جي پ??وجيڪٽ ڊائريڪٽرز کي جلد مقرر ڪيو ويندو، منصوبا بندي واري وزارت جي رُڪيل فائلن کي ڪڍيو وڃي ته جيئن ڪنهن ڪم ۾ دير نه ٿئي ۽ رڪيل ڪم کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبا بندي واري وزارت جي رٿائن تي تفصيلي جائزي واري ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. ??جل??س ۾ پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرام عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي. احسن اقبال چيو ته سمورين رٿائن جي پ??وجيڪٽ ڊائريڪٽرز کي جلد مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته وزارت جو عملو صرف پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي عملي جي ڀرتين ۾ سهولتون فراهم ڪندو. احسن اقبال سمورن اسسٽنٽ چيفس ۽ ريسرچ آفي??رن کي هدايت ڪئي ته هو پرڏيهي ملڪن ۾ اعليٰ يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپس لاءِ اپلاءِ ڪن. وفاقي وزير چيو ته تحقيق ۽ جدت جو عمل رُڪڻ نه گهرجي. رٿابندي واري وزارت آفي??رن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڀرپور معاونت ۽ وسيلا فراهم ڪندي.