اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف بلوچستان جي بلديات واري وزير سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مرحوم سرفراز ڊومڪي جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آ??يون، سردار سرفراز ڊومڪي جي لاڏاڻي سان بلوچستان جي سياست هڪ مدبر ۽ بهترين سياستدان کان محروم ٿي وئي. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف مرحوم سرفراز ڊومڪي جي بلند درجن ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.