اسلام آباد-28 آ??سٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان گڏي?? قومن جي افغانستان بابت خاص نمائندي اندريڪا توتي جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ڪالهه گه??و وزارت ۾ ملاقات ڪئي. اعليٰ سطحي وفد ۾ گڏي?? قومن جو ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ، فدي ايل ۽ افغانستان ۾ گڏي?? قومن جي مشن جو سربراهه مالڪ ??يسي به شامل هو. وفاقي وزير گه??و وزارت پهچڻ تي گڏي?? قومن جي وفد جي آجيان ڪئي. افغانستان بابت گڏي?? قومن جي خاص نمائندي بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي تازن واقعن جي ڀرپور مذمت ڪئي. وفاقي وزير وفد سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردي هڪ ??ال??گير مسئلو آهي ۽ پاڪستان دهشتگرديءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ ??هي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ شهرين جي قربانين جو مثال نٿو ملي. گه??و وزير پاڪستان ۾ ٿيل حملن ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي ملوث هئڻ جي باري ۾ وفد کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٽي ٽي پي حملن لاءِ افغانستان جي ڌرتي استعمال ڪري رهي آهي ۽ کين هر حال ۾ روڪڻو پوندو. گه??و وزير چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي مهمان نوازي ڪئي آهي، غير قانوني طور پرڏيهين جي واپسي مرحليوار شروعات ٿي چڪي آهي. هن واضح ڪيو ته قانوني دستاويز رکندڙ ماڻهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، ويزا ۽ ٻين قانوني دستاويزن بنا ڪنهن کي پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون ۽ جلد افغان پناهگيرن جي واپسيءَ جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو. گه??و وزير افغان پناهگيرن جي بحاليءَ لاءِ گڏي?? قومن ۽ ??ال??ي برادريءَ جي ڪردار جي ضرورت تي زور ڀريو. خاص نمائندي افغان پناهگيرن ۽ دوحه ڊائلاگ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته افغان پناهگيرن جي مستقبل بحاليءَ تي افغان حڪومت سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون.