اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پارلي??مي??ٽ هائوس ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سي ڊي اي جي اليڪٽرڪ شعبي جي پنج ملازمن کي پاڻمرادو بتيون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ تي لاڳاپيل عملدارن کي انهن جي بدلي يا معطلي جي سفارش ڪئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 9 سيپٽمبر جي رات بتيون وسائڻ جو قدم کڻڻ تي اليڪٽريشن مظفر حسين، اليڪٽريشن ظهير عباس، جنريٽ?? آپريٽر ذوالفقار علي، فائر الارم رضا علي ۽ فائر الارم ارشد کوکر کي لاڳاپيل عملدار پارلي??مي??ٽ هائوس مان بدلي يا کين معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪن.