اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي احمد ا??حا?? جهانگير جي لاءِ سول ايوارڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڊائريڪٽر جنرل احمد ا??حا?? جهانگير کي اڻٿڪ خدمتن تي ستاره امتياز سان نوازيو ويندو. ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل اطلاع موجب احمد ا??حا?? جهانگير بطور ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي انساني اسمگلنگ، دهشتگردي، مني لانڊرنگ ۽ آن لائين جنسي هراسمينٽ جهڙن سنگين ڏوهن جي روڪٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ٻارن جي جنسي استحصال جي روڪٿام جي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪندي سڄي ملڪ ۾ خصوصي سيل ٺاهيا ويا ۽ هن سائبر چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ادارن سان مضبوط رابطو قائم ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. احمد ا??حا?? جهانگير 1992ع ۾ پاڪستان پوليس سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي، سندس تعلق 20 هين ڪامن سان آهي، هن پاڪستان ۾ سائبر ڪرائيم جي روڪٿام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آڻڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. بطور ايڊيشنل ڊي جي سائبر ڪرائيم ونگ احمد ا??حا?? جهانگير جي قيادت ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي خلاف موثر حڪمت عملي تيار ڪئي ۽ وقت سر قدم کنيا، توهان جي ڪوششن سان سائبر ڪرائيم ۾ ملوث عنصرن جي خلاف نمايان ڪاميابيون حاصل ٿي??ن ۽ ڪيتريون ئي گرفتاريون عمل ۾ آيون، توهان جي قيادت ۾ ايف آءِ اي انساني اسمگلنگ ۽ سوشل مي??يا تي جعلي، اعتراض جوڳي، نفرت آميز مواد جي خلاف سخت قدم کنيا. احمد ا??حا?? جهانگير عالمي سطح تي ايجنسي جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪيو ۽ عالمي ادارن سان تعاون کي فروغ ڏنو. ان کانسواءِ توهان جي خدمتن ۾ پوليس جي روايتي طريقن کي جديد طريقيڪار ۾ بدلائڻ به شامل آهي، توهان پوليس رولز 2017 – 2018ع جو مسودو تيار ڪيو، جنهن سان پوليس جي ڪم ڪرڻ جي طريقن ۾ بهتري آئي. احمد ا??حا?? جهانگير کي شاندار ڪارڪردگي جي ڪري 1995ع ۾ صدر جي پوليس مي??ل سان پڻ نوازيو ويو. ڊي جي ايف آءِ اي احمد ا??حا?? جهانگير کي سول ايوارڊ 23 مارچ 2025ع جي تقريب ۾ ڏنو ويندو.