اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪو??ٽ قومي خابرو اداري (اي پي پي) ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪيس ۾ نامزد جو??بد??رن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون ۽ وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) ٽن جو??بد??رن، ان وقت جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد غواث خان، مصور عمران (ڊپٽي ڊائريڪٽر) ۽ سعد مدثر (اڳوڻي چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي گرفتار ڪري ورتو. عدالت جي جسٽس طارق محمود جهانگيري جو??بد??رن پاران داخل گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي اي پي پي جو ليگل ايڊوائيزر سينيئر قانوندان سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته ايف آءِ اي پاران اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شاهد پرويز ملڪ پيش ٿيو. سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته ماتحت عدالت جو??بد??رن جون ضمانتون رد ڪيون هيون ۽ جو??بد??ر فرار ٿي ويا هئا. جو??بد??رن ڪرپشن جي ذريعي قومي خابرو اداري کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو آهي ت??هن ڪري جو??بد??رن جون ضمانت جون درخواستون رد ڪيون وڃن، عدالت جو??بد??رن جون ضمانت جون درخواستون رد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ غواث خان، سعد مدثر ۽ مصور عمران کي گرفتار ڪري ورتو. واضح رهي ته ايف آءِ اي ٽنهي جو??بد??رن سميت اطلاعات واري وزارت جي سائبر ونگ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر بلال ظفر، اي پي پي جي اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽ ارشد مجيد چوڌري، ضياءَ الله ڀٽو (ان وقت جو اي پي پي جو ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ پي اينڊ ڊي)، ميسرز تيجاري پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ، ميسرز نيو هورائيزن، ميسرز آرٽيڪ سسٽم، ميسرز ميڊيا لنڪس جا عهديدار شامل آهن، جي خلاف سيڪشن r/w 5(2) 47 PCA PPC, 471, 468, 420, 34, 409 تحت ڪيس داخل ڪيو هو. ٻئي طرف ايف آءِ اي جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد ڪارروائي ڪن??ي ڪرپشن، بدعنواني، فراڊ، ڏوهاري غفلت ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ ۾ ملوث ٽن سرڪاري اهلڪارن محمد غواث، سعد مدثر ۽ مصور عمران کي گرفتار ڪري ورتو آهي. شروعاتي جاچ موجب جو??بد??رن ڪرپشن ڪن??ي قومي خزاني کي 124 ملين رپين جو نقصان پهچايو. ترجمان موجب جو??بد??ر ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي پروڪيورمينٽ ڪميٽي جو حصو هئا. جو??بد??رن ملي ڀڳت، دوکيبازي ۽ اختيارن کي لتاڙيندي آرٽيڪ سسٽم نالي فرم کي 113 ملين جو ڪانٽريڪٽ ڏنو. ڄاڻايل فرم جو فنانشل پروپوزل مجاز اٿارٽي کان منظور نه هو، جو??بد??رن اي جي پي آر مان بل منظور ڪرائڻ جي پروڪيورمينٽ ڪميٽي جا پاڻ جعلي ميٽنگ منٽس ٺاهيا، ان منصوبي جي مجموعي لاڳت 786.79 ملين رپيا هئي. ٻڌڻي دوران جو??بد??رن جي وڪيل عدالت آڏو پنهنجي دليلن ۾ درخواستگذارن جون ضمانتون منظور ڪرڻ جي درخواست ڪئي. جڏهن ته اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر محمد يعقوب مستوئي دليل ڏيندي چيو ته جو??بد??رن پيپرا رولز جي خلاف ورزي ڪن??ي قومي اداري کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو. اها رڪارڊ جي ڳالهه آهي ته هر درخواستگذار تي مخصوص ڪردار جو الزام هنيو ويو آهي ت??هن ڪري جو??بد??رن جي ضمانت جون درخواستون رد ڪيون وڃن. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد افضل نيازي جي سربراهي ۾ ايف آءِ اي ٽيم ان بدعنواني ڪيس ۾ ميرٽ ۽ شفافيت جي ذريعي ٺوس ثبوت گڏ ڪيا ۽ انتهائي محنت سان انڪوائري مڪمل ڪئي. ايف آءِ اي جي ترجمان موجب ڏوهارين کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.