اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوي?? حسين جي صدارت هيٺ سمال ميڊيم انٽر پرائيز ڊولپمينٽ ??ابت قومي رابطا ڪميٽي جو يارهون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايم ايز جي ترقي ۽ سهولتن لاءِ 11 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ??يو. راڻا تنوي?? حسين چيو ته سمال ميڊيم انٽر پرائيزز معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم ايس ايم ايز جي رجسٽريشن ۽ سهولتڪاري کي منظم ڪرڻ جي ه??ايت ڪئي آهي. اجلاس جي پڌرائي مطابق ايس ايم ايز لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٽيڪسن کي هم آهنگ ۽ هڪجهڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ??يو. راڻا تنوي?? حسين چيو ته سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت جو ڪم ڪيو ??ڃي. اجلاس ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ادارن کي ڪريڊٽ جي سهولت ڏيڻ، انڊسٽريل اسٽيٽس ۾ ايس ايم ايز جي لاءِ زمين رکڻ، مختلف اسڪيمن ذريعي عورتن جي انٽر پرينيورشپ کي ترقي ڏيڻ ۽ 5 بلين جي رقم سان سمال ميڊيم انٽر پرائيز فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ??يو.