اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) هلن??ڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران مرڪزي بينڪ مهانگ??ئي جي شرح کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وياج جي شرح 1.5 سيڪڙو گهٽ ڪري 22 سيڪڙو کان 20.50 سيڪڙو تي کڻي آئي. اقتصادي سروي مطابق حڪومت طرفان مربوط ڪوششن جي نتيجي ۾ مهانگ??ئي جي شرح ۾ مسلسل لاٿ نظر آئي ۽ مئي دوران مهانگ??ئي جي شرح گهٽ ٿي 11.8 سيڪڙو تي اچي وئي جيڪا گذريل 30 مهينن دوران مهانگ??ئي جي سڀ کان گهٽ شرح آهي. ياد رهي ته مئي 2023ع ۾ مهانگ??ئي جي شرح بلند ترين 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي. حڪومت طرفان سخت مالياتي پاليسي مرڪزي بينڪ طرفان وياج جي شرح ۾ مسلسل اضافي ۽ رسد ۾ بهتري سان مهانگ??ئي جي شرح ۾ گهٽت??ئي آئي. حڪومت مهانگ??ئي جي شرح کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ لاءِ انتظامي، رليف ۽ پاليسي ليول تي قدم کڻي رهي آهي. عالمي سطح تي مهانگ??ئي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت مانيٽري پاليسي سبب عالمي ترقي ۾ نمايان گهٽت??ئي ٿي. 2023ع ۾ عالمي اقتصادي ترقي گهٽ ٿي 3.2 سيڪڙو رهي. عالمي سطح تي مهانگ??ئي جي شرح ۾ گهٽت??ئي متوق?? آهي. 2023ع ۾ مهانگ??ئي جي شرح 6.8 سيڪڙو رهي جيڪا 2024ع ۾ گهٽ ٿي 5.9 سيڪڙو تي اچڻ جي اميد آهي. عالمي سطح تي جيو پوليٽيڪل صورتحال سبب اقتصادي ترقي کي ڌچڪو لڳو، خاص طور ت?? يورپ ۽ مڊل ايسٽ ۾ جنهن سبب توان??ئي ج?? قيمتن ۽ روزمره استعمال جي شين ج?? قيمتن ۾ اضافو ٿيو.