اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ ٻين حڪومتي شخصيتن ??ي شهادت تي 21 مئي 2024ع اڱاري تي سڄي ملڪ ۾ سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، پوري ملڪ ۾ قومي جهنڊو جهُڪيل ر??ندو. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ ٻين ايراني معززين جي شهادت تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران ايران جي حڪومت ۽ عوام س??ن يڪجهتي جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف اڱاري ڏينهن 21 مئي 2024ع تي پاڪستان ۾ قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.