اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪندي ان حوالي سان آذربا??يج??ن جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان آذربا??يج??ن جي ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار بابائيف و??ير??عظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. آذري وزير مختار بابائيف و??ير??عظم کي آذربا??يج??ن جي صدر الهام عليوف پاران نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز 29 (ڪوپ – 29) اجلاس ۾ شرڪت جو دعوتنامو پيش ڪيو. و??ير??عظم 29 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي دعوتنامي تي آذربا??يج??ن جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ کيس ۽ آذري عوام کي ڪوپ – 29 جي ميزباني جي لاءِ باڪو جي چونڊ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ڪوپ – 29 هن سال موسمياتي تبديلي جي درپيش چئلينجن تي غور فڪر جي لاءِ عالمي اڳواڻن جو سڀ کان اهم اجتماع آهي. آذري وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي و??ير??عظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، 2022ع ۾ پاڪستان هڪ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. و??ير??عظم ڪوپ – 29 جي حوالي سان آذربا??يج??ن جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو. ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪندي و??ير??عظم چيو ته هو ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جو منتظر رهندو جتي کيس صدر الهام عليوف سان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه جو موقعو ملندو. و??ير??عظم شهباز شريف صدر عليوف کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. آذري وزير پاڪستان ۾ پنهنجي ميزباني ۽ ڪوپ – 29 جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي آڇ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته آذربا??يج??ن پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو ته جيئن هڪ اهڙي ايجنڊا طئي ڪري سگهجي جيڪا موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن جي ضرورتن جي مناسب عڪاسي ڪري.