اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪست??ن جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف اڄ خميس ڏينهن صدر آصف علي زردار سان ملاقات ڪندو، هو عسڪري ??يادت سان پڻ ملاقات ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته ازبڪست??ن جو پرڏيهي وزير هن وقت سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي ۽ هن گذريل ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ازبڪ پرڏيهي وزير واپار، واري ??زير، نجڪاري ??اري ??زير ۽ مواصلات واري ??زير کانسواءِ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق ۽ صنعت ۽ پيداوار واري ??فاقي وزير سان پڻ گڏيل ملاقات ڪئي. هن چيو ته هيستائين ٿيندڙ ملاقاتن ۾ ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪست??ن جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ مضبوط حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قوم، ايس سي او ۽ او آءِ سي جهڙن گهڻ رخي ??ور??ز تي ويجهي سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون ۽ مضبوط رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪست??ن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون، واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ۽ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلويز پراج??ڪٽ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.