اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي وفد جي ??ور?? جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، اسان کي اهڙي طرح محنت ۽ لگن سان ان سيڙپڪاري جي پاڪستان ۾ آمد ۽ منصوبن جي تڪميل يقيني بڻائڻي آهي، مون کي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح محنت ڪندا رهون ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معاسي استحڪام جو هدف جلد حاصل ڪري وٺنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪابينا کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ رمضان المبارڪ جي برڪتن جي طفيل پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورائتا آهيون جو منهنجي تازي ??ور?? کانپوءِ سندس خصوصي دلچسپي تحت سعودي وفد پاڪستان جو ??ور?? ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا ۽ لاڳاپيل عم??دا??ن جي سعودي وفد جي ڪامياب ??ور?? جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته سعودي وفد پاڪستاني وزيرن ۽ عم??دا??ين جي تياري کان متاثر ٿيو ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آلسعود ان جو واضح اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي وفد جي ??ور?? جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. هن چيو ته اسان کي اهڙي طرح محنت ۽ لگن سان ان سيڙپڪاري جي پاڪستان آمد ۽ منصوبن جي تڪميل يقيني بڻائڻي آهي. ان حوالي سان نه ته پرا??ي طريقيڪار تي هلڻ جي گنجائش آهي ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏيندس. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي عوام سان ڪيل وچن موجب پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين ۽ مون کي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح محنت ڪندا رهياسين ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جو هدف جلد حاصل ڪري وٺنداسين.