ڪراچي – 05 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ميڊيا هائوسز جون رهتون ڪيترن ئي سالن کان التوا جو شڪار هيون، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ميڊيا هائوسز جي رهتن جي ادائگي جي لاءِ عملي قدم کنيا، اي سي سي ميڊيا هائوسز کي رهتن جي ادائگي جي لاءِ ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حق تلفي ٿيڻ نه ڏني ويندي، معيشت جي استحڪام جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه هن ميڊيا تنظيمن آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) جي عهديدارن سان جدا جدا ملاقاتن دورا?? ڳالهائيندي چئي. ملاقاتن ۾ ميڊيا ورڪرز، صحافين، اخباري صنعت کي درپيش م??ئل?? ۽ معاشي صورتحال سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي م??ئل?? کان آگاهه آهيون، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ سميت انهن جي حقن جو تحفظ ۽ سهولتن جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻنداسين. هن چ??و ته ميڊيا هائوسز جون رهتون ڪيترن ئي سالن کان التوا جو شڪار هيون، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ميڊيا هائوسز جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ عملي قدم کنيا آهن. هن چ??و ته اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ميڊيا هائوسز کي بقايائن ۽ رهتن جي ادائگي جي لاءِ ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چ??و ته اطلاعات واري وزارت حڪومت، صحافين ۽ ميڊيا هائوسز جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته صحافين جي علاج جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، انهن کي جلد هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو. هن چ??و ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حق تلفي ٿيڻ نه ڏني ويندي. عطاءُ الله تارڙ چ??و ته معاشي مشڪلاتون ضرور آهن پر وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت معاشي م??ئل?? جي حل لاءِ پرعزم آهي. هن چ??و ته عوامي معيشت اسان جو تمام وڏو م??ئل?? آهي. هن چ??و ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نه ڏيندڙن جي مڪينزم بڻايو پيو وڃي. هن چ??و ته معيشت جي استحڪام جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي ميڊيا تنظي??ن حڪومت جي معاشي بحالي جي سمورن قدمن ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. ميڊيا تنظيمن فنڊز جاري ڪرڻ ۾ تعاون فراهم ڪرڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن تفصيلي بريفنگ ڏني.