اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو معاملن، منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير ۽ پاڪست??ن ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرپرسن سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ بجلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) کي ڏنل ٽاسڪ جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت، منشيات جي خاتمي واري وزارت، پاڪست??ن ڪرڪيٽ بورڊ جي معاملن، ملڪي سيڪيورٽي ۽ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم شهباز شريف کي ايف آءِ اي ۽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي جي تجويز ڪيل سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ پلان تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي چوري جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ??ڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا نرمي نه ڪئي ??ڃي.